ٽيٽيهر، واسڪوٽي گسلنگ، گوڙينگ

ٽيٽيهر، واسڪوٽي گسلنگ، گوڙينگ

ٽيٽيهر واسڪوٽي گسلنگ گوڙينگ

ٽيٽيهر، واسڪوٽي گِسلنگ، گوڙينگ: 37 سينٽي ميٽر جسامت جي هن پکيءَ جي نر ماد ۾ ٿورو فرق آهي. نَر جي پٺي ۽ پَـر ڪارا ٿين ٿا. مادي ۽ ٻچا گهرا ناسي ٿين ٿا. سِسيءَ کان پيٽ تائين سڄو اڇو، ڪاريون اکيون، ڊگهيون گلابي ٽنگون ۽ سنهڙي ڊگهي ڪاري چهنب اٿس. هي صاف ۽ خوبصورت پکي پاڻين جي ڪنڌين تي نظر ايندو آهي ۽ پاڻي جهاڳيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ ۾ منڍي وجهي ڇڏيندو آهي. گوڙ ڪندو آهي. حملي جي صورت ۾ ڪيئي جوڙا اچي گڏبا ۽ ورائي ورائي ننڍڙيون ۽ مختصر چيخون ڪندا آهن. اڏامڻ مهل ڊگهيون ٽنگون سڌيون ڪندو آهي، جيڪي پري کان نظر اينديون آهن، ان جي چيخدار ٻوليءَ ’ٽي ٽي ...اَر ... ٽي ٽي ...اَر‛ سبب مٿس اهو سنڌي نالو پيو آهي ۽ اهو آواز اڪثر ٻهراڙين ۾ خاموش فضا کي چيريندو رهندو آهي. سنڌ ۾ هن پکيءَ جي ٻولڻ کي منحوس سمجهيو ويندو آهي. هي پکي اگر رات جو ٻولي ته حاڪمن لاءِ خراب ۽ جي شام جو ٻولي ته حالتن لاءِ خراب تصور ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو